قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پهرين هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ (ايڇ ايس – ون) جي ڪامياب لانچ تي اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق اسپارڪو جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته ايڇ ايس – 1 مشن جي ڪامياب لانچ …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پهرين هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ (ايڇ ايس – ون) جي ڪامياب لانچ تي اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرن ۽ قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق اسپارڪو جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته ايڇ ايس – 1 مشن جي ڪامياب لانچ پاڪستان جي خلائي تحقيقاتي پروگرام ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي، ايڇ ايس – 1 سيٽلائيٽ جي لانچ ملڪ ۾ سائنسي ۽ فني طور پاڻڀرو ٿيڻ جون نيون راهون هموار ڪندي. اسپيڪر چيو ته اسپارڪو جي سائنسدانن، انجنيئرن ۽ عملي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. ايڇ ايس – 1 سيٽلائيٽ، زراعت، ماحولياتي استحڪام ۽ شهري رٿابندي ۾ هڪ انقلابي اڳڀرائي ثابت ٿيندو. هن چيو ته سيٽلائيٽ زرعي فصلن جي صحت، مٽيءَ ۾ گهم ۽ قدرتي آفتن جي موثر نگراني ممڪن ٿي سگهندي. هي مشن پاڪستان جي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اسپيڪر چيو ته هي لانچ پاڪستان جي سائنسي برادري جي محنت، ويزن ۽ قومي عزم جي عڪاس آهي، اسپارڪو جي اها ڪاميابي نوجوان نسل لاءِ تحقيق ۽ جدت جي نئين تحريڪ بڻجندي. سردار اياز صادق چيو ته پارليامينٽ، اسپارڪو ۽ ٻين سائنسي ادارن جي ترقي لاءِ تعاون جاري رکندي، ملڪ کي خلائي تحقيق جي ميدان ۾ نمايان مقام ڏيارڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا.

مزید خبریں