آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ” قوم ڪي شهيدو تمهين سلام“ ريليز ٿي ويو

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ” قوم ڪي شهيدو تمهين سلام“ ريليز ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي پاران جاري ڪيل بيان موجب آءِ ايس پي آر وطن لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي قومي نغمي ذريعي وطن عزيز جي بقا ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي قوم جو سلام پيش ڪيو …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ” قوم ڪي شهيدو تمهين سلام“ ريليز ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي پاران جاري ڪيل بيان موجب آءِ ايس پي آر وطن لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي قومي نغمي ذريعي وطن عزيز جي بقا ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي قوم جو سلام پيش ڪيو آهي. وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙن جو داستانون قوم جي دلين ۾ زنده آهن. نغمي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن جي شهادت کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. بزدل دشمن جي دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿي ويل بهادر جوانن جي قربانين تي هر پاڪستاني تي فخر آهي. نغمي ۾ رت جي آخري قطري تائين وطن لاءِ قرباني ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. شهيدن جي رت جو هر قطرو پاڪستان جي بقا ۽ امن جي ضمانت آهي.

مزید خبریں