اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان پاڪ-افغان سرحد سان لڳ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ضلعن جي سرحدي علائقن ۾ خوارجي گل بهادر گروپ جي تصديق ٿيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 100 کان وڌيڪ خوارجي جهنم ڀيڙا ڪيا ويا. سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري …
پاڪستان پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ خوارجي گل بهادر گروپ جي تصديق ٿيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، 100کان وڌيڪ خوارجي جهنم ڀيڙا ڪيا ويا: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان پاڪ-افغان سرحد سان لڳ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ضلعن جي سرحدي علائقن ۾ خوارجي گل بهادر گروپ جي تصديق ٿيل ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 100 کان وڌيڪ خوارجي جهنم ڀيڙا ڪيا ويا. سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 48 ڪلاڪن جي ڊگهي جنگ بندي دوران افغانستان مان ڪم ڪندڙ خارجين پاڪستان ۾ ڪيترائي دهشتگرد حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو سيڪيورٽي فورسز موثر جواب ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي موثر جوابي ڪارروائي ۾ 100 کان وڌيڪ خوارجي مارجي ويا. خوارجي گل بهادر گروپ اتر وزيرستان ۾ هڪ گاڏي تي آئي اي ڊي حملو ڪيو جنهن ۾ شهري ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. گذريل رات گل بهادر گروپ جي خوارجين خلاف صحيح ۽ ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ڪئي وئي. تصديق ٿيل انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد مُوجب انهن ڪارروائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 کان 70 خوارجي ۽ انهن جي قيادت کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. هن چيو ته عام ماڻهن کي نشانو بڻائڻ بابت ڪيل سڀ قياس آرائيون ۽ دعوائون غلط آهن ۽ انهن جو مقصد افغانستان جي اندر ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروپن جي حمايت پيدا ڪرڻ آهي. پاڪستان سچي دل سان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته هندستان جي سرپرستي ۾ افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي هن مُشڪل مسئلي جو حل افغان اختيارين پاران ڳالهين ۽ غير رياستي عنصرن جي اثرائتي ڪنٽرول ذريعي ممڪن آهي. تنهن هوندي به پاڪستان کي پنهنجي علائقائي سالميت ۽ پاڪستان جي عوام جي زندگين جي حفاظت جو پورو حق آهي ۽ اسان افغان سرزمين تان ڪم ڪندڙ دهشتگردن کي امن سان آرام سان ويهڻ نه ڏينداسين.











