اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس جي ٻُڌڻيءَ دوران ٽوبيڪو ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل هئڻ تي ٻُڌڻي سومر 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت مختلف درخواستن تي ڪالهه آئيني بينچ ٻُڌڻي ڪئي. 5 رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪئي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس حسن اظهر …
سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس جي ٻُڌڻي، ٽوبيڪو ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل هئڻ تي ٻُڌڻي سومر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس جي ٻُڌڻيءَ دوران ٽوبيڪو ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل هئڻ تي ٻُڌڻي سومر 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت مختلف درخواستن تي ڪالهه آئيني بينچ ٻُڌڻي ڪئي. 5 رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪئي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن به بينچ ۾ شامل هئا. درخواستگذارن طرفان وڪيل اعجاز احمد زاهد دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته موجوده مالياتي نظام ۾ ونڊ فال ٽيڪس وٺڻ ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته ايف بي آر ۾ 10 ٽوبيڪو ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، هڪ سگريٽ جو پيڪيٽ جيڪو 77 رپين جو آهي ان تي 44 رپيا ٽيڪس لاڳو آهي جڏهن ته 33 رپيا بچت بڻجي ٿي. هن چو ته 173 رپين جي دٻي تي پڻ 44 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. وڪيل اعجاز احمد مؤقف اختيار ڪيو ته پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني مارڪيٽ ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ ايف بي آر جي وڪيلن پنهنجين دليلن ۾ پيش ڪيل جدول ۾ پنهنجو مؤقف تبديل ڪري ورتو آهي. دليلن دوران جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي پروڊڪٽ کي استعمال ڪندڙ مخصوص ماڻهو آهن جيڪي اوچتو نٿا وڌن، اوهان سڀ ٽيڪس پاڻ ناهيو ڏئي رهيا جيڪي سگريٽ ڇڪين ٿا اهي به ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سگريٽ افغانستان ڏانهن روانگي واپار ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سگريٽ اسمگل ٿئي ٿي ته مان ذميدار ناهيان. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته مال ايڪسائيز آفيسر سامهون ٻاهر وڃي ٿو، مالياتي خسارو ختم ڪرڻو آهي ته اُتان ڪريو جتان کان خامي آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي ٻُڌڻيءَ دوران چيو ته ائين اوهان جي ڪمپني کي داد ڏيڻو پوندو، ايتري گهٽ منافعي ۾ 300 ملين رپيا ڪمائي رهيا آهيو، ننڍي مارجن تان ايترو ڪمائڻ واقعي تعريف جوڳو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنو ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ آئيني بينچ کي اهڙا سمورا ڪيس ڏسڻا آهن، اسان آئيني سوال کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. بعد ۾ آئيني بينچ درخواستگذار وڪيل کي دليل مڪمل هئڻ تي ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي 20 آڪٽوبر سومر ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











