گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان علامه شاهه اويس نوراني جي ملاقات

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان جمعيت علماءُ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علامه شاهه اويس نوراني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري، ڀائيچاري ۽ قومي اتحاد کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سمورن مڪتب فڪرن …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان جمعيت علماءُ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل علامه شاهه اويس نوراني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري، ڀائيچاري ۽ قومي اتحاد کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ سمورن مڪتب فڪرن کي گڏيل تعاون ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته ڪنهن به بي گناهه شخص خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي ڪنهن مدرسي کي بند ڪيو ويندو، جڏهن ته شرپسند ۽ انتهاپسند عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ يا رياست خلاف هٿيار کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. محسن نقوي چيو ته قائداعظم جي پاڪستان ۾ شرپسندي، انتهاپسندي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن جي ڪا به گنجائش ناهي، اهڙين ڌرين خلاف سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته عالم سڳورا مذهبي هم آهنگي، صبر ۽ تحمل ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ ديني تعليم کي هٿي وٺرائڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي. علامه شاهه اويس نوراني ان موقعي تي چيو ته جمعيت علماءَ پاڪستان ملڪ ۾ امن، رواداري، ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪندي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ مذهبي رواداري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں