وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 4 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ بهادر سپوتن کي سلام آهي. سيڪيورٽي فورسز وقت سر …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مير علي ۾ خوارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي 4 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندڙ بهادر سپوتن کي سلام آهي. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي دلير سپوتن تي فخر آهي.

مزید خبریں