حڪومت جي موثر معاشي پاليسين جا ثمر، مهانگائي 8 سالن جي گهٽ ترين سطح 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت جي موثر معاشي پاليسين، مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن واري قدمن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ استحڪام جا نمايان آثار ظاهر ٿي رهيا آهن، هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي 8 سالن جي گهٽ ترين سطح 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۾ نمايان سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مالياتي خسارو 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت جي موثر معاشي پاليسين، مالياتي نظم و ضبط ۽ سڌارن واري قدمن جي نتيجي ۾ معيشت ۾ استحڪام جا نمايان آثار ظاهر ٿي رهيا آهن، هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي 8 سالن جي گهٽ ترين سطح 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۾ نمايان سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مالياتي خسارو 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت گذريل سال دوران سخت مالياتي نظم، پاليسي هم آهنگي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن سبب معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ناڻي واڌ ۾ نمايان گهٽتائي سان عوام کي رليف حاصل ٿيو آهي جڏهن ته پرڏيهي کاتن ۾ بهتري ۽ روپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيو آهي. رپورٽ موجب حڪومت توانائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ صنعتي شعبن ۾ سڌارن ذريعي پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ان سان گڏوگڏ آمدني واپار ۾ توازن ۽ روانگي واپار ۾ اضافي سان ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي صورتحال بهتر ٿي آهي. مالياتي خساري ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي کاتن ۾ بهتري پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي، جيڪا مستقبل ۾ پائيدار ترقي جي راهه هموار ڪندي. اسٽيٽ بئنڪ جي سالياني رپورٽ مالي سال 25-2024ع موجب محطاط مانيٽري پاليسي، مالياتي نظم و ضبط ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ نمايان بهتري آئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 25-2024ع دوران مانيٽري پاليسي ۽ مالياتي پاليسين ۾ هم آهنگي معاشي اعتماد کي بحال ڪيو جڏهن ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾  استحڪام، روپئي جي قدر ۾ بهتري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي سان معاشي منظرنامو وڌيڪ بهتر ٿيو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته ايندڙ مالي سال جي پائيدار اوسر  حاصل ڪرڻ لاءِ ڍانچاجاتي سڌارن جو تسلسل، آمدني واپار واري شعبي جي چٽاڀيٽي ۾ اضافو ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ کي اهميت حاصل هوندي.

مزید خبریں