اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي 21 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين آزاد ڪشمير جو دورو ڪندي، ان موقعي تي ڪميٽي جو باضابطه اجلاس قانونساز اسيمبلي هال ۾ ٿيندو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان آزاد ڪشمير حڪومت کي خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪميٽي جي ميمبرن جي رهائش ۽ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته …
ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي 21 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين آزاد ڪشمير جو دورو ڪندي

مزید خبریں
اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي 21 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين آزاد ڪشمير جو دورو ڪندي، ان موقعي تي ڪميٽي جو باضابطه اجلاس قانونساز اسيمبلي هال ۾ ٿيندو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان آزاد ڪشمير حڪومت کي خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪميٽي جي ميمبرن جي رهائش ۽ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن جڏهن ته کين اسٽيٽ گيسٽ جو درجو ڏنو وڃي. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جو 22 آڪٽوبر تي 12 وڳي قانونساز اسيمبلي مظفرآباد جي هال ۾ خصوصي اجلاس ٿيندو جڏهن ته ان کانپوءِ آزاد ڪشمير حڪومت ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون به ٿينديون جڏهن ته اڳئين ڏينهن ڪميٽي مختلف علائقن جو دورو ڪندي.











