نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد - 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ضرورت جي مختلف شين جي قيمتن ۽ فراهمي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت شرڪت ڪندڙن کي موجوده اسٽاڪ جي دستيابي کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم سپلاءِ جي موجوده صورتحال تي اطمينان …

اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ضرورت جي مختلف شين جي قيمتن ۽ فراهمي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت شرڪت ڪندڙن کي موجوده اسٽاڪ جي دستيابي کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم سپلاءِ جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي سڄي ملڪ ۾ انهن شين جي بنا رڪاوٽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ، بجلي ۽ اقتصادي معاملن جي وزيرن کانسواءِ واپار ۽ صنعتن وارين وزارتن جي سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي. سمورا صوبائي چيف سيڪريٽريز، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں