راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلاف افغان طالبان جي بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ عوام پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي . افغان طالبان جي جارحيت ۽ دهشتگردي تي پاڪستاني عوام جو شديد رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. تفصيل موجب خيبرپختونخواه جي شهرين پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي .شهرين چيو ته پاڪستان جي خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن …
پاڪستان خلاف افغان طالبان جي بنا جواز جارحيت جي جواب تي عوام جو پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
راولپنڊي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلاف افغان طالبان جي بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ عوام پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي . افغان طالبان جي جارحيت ۽ دهشتگردي تي پاڪستاني عوام جو شديد رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. تفصيل موجب خيبرپختونخواه جي شهرين پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي .شهرين چيو ته پاڪستان جي خودمختياري کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف پاڪ فوج کي ڀرپور جوابي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. شهرين چيو ته پاڪ فوج افغانين کي بهترين سبق سيکاريو آهي ۽ انهن جي ڪيترين ئي پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي. افغان طالبان رجيم جي بناجواز حملن خلاف ڀرپور جواب تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي سرحدي علائقن تي طالبان حملا ڪيا پر هر هنڌ کين شڪست نصيب ٿي، ڀارت جي چوڻ تي افغان طالبان جي حملن کي هر محاذ تي پاڪ فوج شڪست جي ور چاڙهي رهي آهي، پاڪستان افغانستان جي سهولتڪار ڀارت کي به منهن ٽوڙ جواب ڏنو، افغانستان بار بار واعدي خلافي ڪندو آهي، هو سڀ کان پهرين دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو خاتمو ڪري، افغانستان پهرين فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندساتن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪري، پوءِ ڳالهيون ٿينديون. جيستائين دهشتگردي ختم نه ٿيندي تيستائين افغانستان سان لاڳاپا بحال نه ڪيا وڃن. خيبرپختونخوا جو عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.











