ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 7 لکن تائين پهچي ويو

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 7 لکن تائين پهچي ويو آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ڊجيٽل يوٿ هب جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.جمعي ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري ڪيل بيان موجب راڻا مشهود احمد خان چيو ته نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ڊجيٽل يوٿ هب ڪجهه …

اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 7 لکن تائين پهچي ويو آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ڊجيٽل يوٿ هب جي ڪاميابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.جمعي ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري ڪيل بيان موجب راڻا مشهود احمد خان چيو ته نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ڊجيٽل يوٿ هب ڪجهه مهينا اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي شروع ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڊجيٽل يوٿ هب نوجوانن لاءِ نوجوانن سان ڳنڍيل هر ضرورت تائين پُهچ ممڪن بڻائي ٿو. اسڪالرشپ، نوڪري جا موقعا، مهارت جا ڪورس، نوجوانن جي قرض جي اسڪيم، ليپ ٽاپ اسڪيم سميت نوجوانن جا سڀئي پروگرام هڪ ڪلڪ تي دستياب آهن. نوجوانن جي ڊجيٽل يوٿ هب تي وڌندڙ رجسٽريشن سٺو سئونڻ آهي.

مزید خبریں