اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه امن معاهدي ۾ انتهائي اهم ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي جڏهن ته ٽريڊ آرگنائيزيشن رولز، 2013ع جي شيڊيول اي ۾ ترميمن، انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ايڪٽ 2023ع ۾ ترميمن، ڄمون ۽ ڪشمير (ايدمنسٽريشن آف پراپرٽي) آرڊيننس 1961ع ۾ ترميمن، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڪٽ 1986ع، گوادر پورٽ اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۽ پورٽ …
وفاقي ڪابينا پاران وزيراعظم شهباز شريف کي غزه امن معاهدي ۾ انتهائي اهم ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه امن معاهدي ۾ انتهائي اهم ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي جڏهن ته ٽريڊ آرگنائيزيشن رولز، 2013ع جي شيڊيول اي ۾ ترميمن، انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ايڪٽ 2023ع ۾ ترميمن، ڄمون ۽ ڪشمير (ايدمنسٽريشن آف پراپرٽي) آرڊيننس 1961ع ۾ ترميمن، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڪٽ 1986ع، گوادر پورٽ اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۽ پورٽ قاسم ايڪٽ 1973ع کي ايس او ايز ايڪٽ 2023ع سان هڪ جهڙائي ۾ آڻڻ جي حوالي سان ترميمن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن شرم الشيخ، مصر ۾ منعقد ٿيندڙ غزه امن سربراهي اجلاس ۾ ڪيل وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تقرير کي زبردست ساراهيو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف کي غزه امن معاهدي ۾ انتهائي اهم ڪردار تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم کي داد ڏني. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم چيو ته مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ڏني، پاڪستان غزه امن معاهدي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته معرڪه حق کانپوءِ دنيا پاڪستان کي انتهائي اهم ملڪ جي طور تي ڏسڻ شروع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان الله تعاليٰ جو جيترو شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي ته هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي عزت ۽ تڪريم سان نوازيو. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 23 سيپٽمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ٽريڊ آرگنائيزيشن رولز 2013ع جي شيڊيول اي ۾ ترميمن جي توثيق ڪئي وئي، انهن ترميمن تحت سڄي پاڪستان ۾ عورتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي لائيسنس گرانٽ فيس ۽ لائيسنس جي تجديد جي فيس ۾ ڪو اضافو نه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن ايڪٽ 2023ع ۾ ترميمن جي توثيق پڻ ڪئي وئي. انهن ترميمن تحت سڄي پاڪستان جي تعليمي بورڊز ۾ عورت ميمبرن جي 33 سيڪڙو نمائندگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته ڄمون ۽ ڪشمير (ايڊمنسٽريشن آف پراپرٽي) آرڊيننس 1961ع ۾ ترميمن، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڪٽ 1986ع، گوادر پورٽ اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۽ پورٽ قاسم ايڪٽ 1973ع کي ايس او ايز ايڪٽ 2023ع سان هڪ جهڙائي ۾ آڻڻ جي حوالي سان ترميمن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 8 آڪٽوبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي (مئنيجمينٽ اينڊ يوٽيلائيزيشن آف ڊيجيٽل نيشن فنڊ) رولز، 2025ع جي توثيق ڪئي وئي. ڳڻپ واري اداري جي گورننگ ڪائونسل ۾ پڻ ترميمن جي توثيق ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 10 آڪٽوبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. آرمڊ فورسز نرسنگ سروسز رولز 1969ع ۾ ترميمن جي توثيق ڪئي وئي. ان کانسواءِ سول ان مينڊ (Civil unmanned) ايئر ڪرافٽ رولز 2025ع جي توثيق ڪئي وئي. ان کانسواءِ پاسپورٽ امينڊمنٽ رولز 2021ع ۾ ترميمن جي توثيق ڪئي وئي.











