وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان سامسنز گروپ آف ڪمپنيز جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان سامسنز گروپ آف ڪمپنيز جي وفد اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چوپائي مال جي واڌ ويجهه، گوشت جي روانگي واپار، جابلو علائقن ۾ زرعي ترقي ۽ ايگرو ٽوئر ازم کي هٿي وٺرائڻ بابت تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار، ٻهراڙي جي معيشت …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان سامسنز گروپ آف ڪمپنيز جي وفد اعليٰ سطحي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چوپائي مال جي واڌ ويجهه، گوشت جي روانگي واپار، جابلو علائقن ۾ زرعي ترقي ۽ ايگرو ٽوئر ازم کي هٿي وٺرائڻ بابت تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار، ٻهراڙي جي معيشت ۽ شموليتي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. وزارت مان جاري بيان موجب وفد جي اڳواڻي برطانوي فوج جي اڳوڻي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ برطانيه جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ سرفراز آف ڪينسنگٽن ڪئي. وفد وفاقي وزير کي سامسنز گروپ جي متنوع ڪاروباري منصوبن کان آگاهه ڪيو جيڪو پاڪستان جي پهرين قطار جي ڪاروباري گروپس ۾ شامل آهي ۽ جيڪو زراعت، توانائي ۽ گوشت جي پراسيسنگ جهڙن مختلف شعبن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري رهيو آهي. وفد پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ قائم سامسنز فارم رنگ پور جي ڪاميابيءَ کي به اجاگر ڪيو جتي 2020ع کان گروپ 7 هزار ايڪڙ ڪلراٺي زمين کي سرسبز ۽ شاداب زرعي علائقي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. گروپ جو زرعي پورٽ فوليو جنهن ۾ سامسنز ايگري فارمز، سامسنز سيڊز ڪمپني ۽ ڪول ميٽ لائيو اسٽاڪ شامل آهن. جديد، جٽادار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل زرعي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گروپ جي عزم جو مظهر آهي. وفد پاڪستان جي حلال گوشت جي روانگي واپار کي وڌائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ وزارت کان گوشت ۽ زندهه چوپائي مال جي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي. وفد پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پارڪ) سان گڏجي چوپائي مال جي نسلن ۾ بهتري، خوراڪ جي تياري، بيمارين جي ڪنٽرول ۽ گوشت جي معيار موجب اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير سامسنز گروپ جي ڪاوشن کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته حڪومت جديد زراعت، ويليو ايڊيشن ۽ روانگي واپار جي صلاحيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن چيو ته عوامي ۽ نجي حصيداري پاڪستان جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر ۾ حقيقي تبديليءَ لاءِ اڻٽر آهي، خاص ڪري جابلو ۽ ڪلراٺي علائقن ۾ جتي نجي سيڙپڪاري ۽ منصوبا ٻهراڙيءَ جي معيشت کي مستحڪم بڻائي سگهن ٿا. وفاقي وزير پي اي آر سي ۽ سامسنز گروپ وچ ۾ هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام جي تجويز جي آجيان ڪئي جيڪو مالم جبه ويلي ۾ جابلو زراعت ۽ گوشت جي ويليو چين جي ترقيءَ لاءِ پائليٽ منصوبوت يار ڪندو. ان منصوبي کان پوءِ هنزه، چترال ۽ آزاد ڪشمير تائين ان کي وڌايو ويندو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تحقيق، نجي سيڙپڪاري ۽ ڪمپيونٽي ڊولپمينٽ جي گڏيل تعلق سان قومي غذائي تحفظ، سبز معاشي ترقي ۽ ٻهراڙي جي خوشحالي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں