وفاقي حڪومت تحت جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت تحت جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت تحت جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت تحت جاري ترقياتي منصوبن جي وقت سرڪميل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وفد غزه امن معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ وارو وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.

مزید خبریں