پاڪستان فلسطين جو معاملو هر عالمي فورم تي اٿاريو، جنگبندي معاهدي تي فلسطيني سجده ريز ٿيا، اهو ڪهڙو احتجاج آهي جنهن ۾ جديد هٿيار، خنجر، چاقو کنيل ماڻهو شريڪ ٿيا، جلاءُ گهيراءُ ۽ امن تباهه ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان فلسطين جو معاملو هر عالمي فورم تي اٿاريو، هر طرح سان فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو، جنگبندي معاهدي تي فلسطيني سجده ريز ٿيا، مهذب دنيا ۾ فلسطينين جي حق ۾ مظاهرا پڻ ٿيا، لنڊن، اٽلي، برطانيا ۾ احتجاج دوران هڪ وڻ جي ڪُونڊي تائين نه ٽوڙي وئي، فلسطين …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان فلسطين جو معاملو هر عالمي فورم تي اٿاريو، هر طرح سان فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو، جنگبندي معاهدي تي فلسطيني سجده ريز ٿيا، مهذب دنيا ۾ فلسطينين جي حق ۾ مظاهرا پڻ ٿيا، لنڊن، اٽلي، برطانيا ۾ احتجاج دوران هڪ وڻ جي ڪُونڊي تائين نه ٽوڙي وئي، فلسطين جي حق ۾ اهو ڪهڙو احتجاج آهي جنهن ۾ جديد هٿيار، خنجر، چاقو کنيل ماڻهو شريڪ ٿيا، احتجاج جي نالي تي پرتشدد ڪارروايون ڪيون ويون، احتجاج ڪندڙن کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته اهي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائين، احتجاج ڪندڙن پوليس انسپيڪٽر کي شهيد ڪيو، ان جو ڪهڙو ڏوهه هو جو ان کي 21 گوليون هنيون ويون، جلاءُ گهيراءُ ۽ امن تباهه ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احتجاج جي نالي تي پرتشدد ڪارروايون ڪيون ويون ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته پوري دنيا ڏٺو ته فلسطين جو مسئلو حل طرف وڌي رهيو هو، پاڪستان هر عالمي فورم تي فلسطين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي معصوم ۽ مظلوم فلسطينين جو آواز موثر انداز ۾ اٿاريو. تازو ئي شرم الشيخ (مصر) ۾ فلسطيني صدر محمود عباس وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو پاڪستان جي عوام جا به ٿورائتا آهن جن پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جو هر ممڪن ساٿ ڏنو. هن چيو ته پوري دنيا ڏٺو، جڏهن غزه، رفاهه، خان يونس ۽ اولهندي ڪناري جي عوام رستن تي نڪري آئي. فلسطيني مائرن، ڀينرن، نوجوانن ۽ بزرگن ٻاهر اچي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. انهن جي چهرن تي خوشي جا ڳوڙها ڏسڻ وٽان هئا ڇو ته اتي ظلمن جو سلسلو بند ٿي ويو آهي، جنگبندي ٿي ۽ امن بحال ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرا به ٿيا، يورپ ۽ مسلمان ملڪن ۾ لکين ماڻهو رستن تي آيا پر ڪٿي هڪ وڻ جي ڪُونڊي به نه ٽوڙي وئي. آسٽريليا ۾ لکين ماڻهن پرامن انداز ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، لنڊن ۽ اٽلي ۾ به ڀرپور احتجاجي مظاهرا ٿيا پر ڪٿي ڪو پرتشدد واقعو پيش نه آيو. هن چيو ته بدقسمتي سان واحد پاڪستان خاص طور تي پنجاب ۾ اهو منظر ڏٺو ويو ته جڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نڪتي ته انهن وٽ جديد هٿيارن، خنجرن، گليلن، سرن ۽ پٿرن سميت هر قسم جو هٿيار موجود هو. هن چيو ته جڏهن هڪ طرف فلسطين جو مسئلو حل طرف گامزن هجي، پوري دنيا ۾ جشن ملهايو پئي ويو ۽ پاڻ فلسطيني اهو چئي رهيا هجن ته امن قائم ٿي ويو آهي ۽ اهي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري رهيا هجن، ته پوءِ پاڪستان جي اندر ڪهڙي پارٽي کي ڪهڙو حق حاصل هو ته اها ٻاهر نڪري جديد هٿيارن سان ليس ٿي نجي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائي. هن چيو ته شيخوپوره جي ان ايس ايڇ او جي گهرڀاتين کان وڃي پڇو جنهن کي گاڏي مان لاهي گوليون هنيون ويون ۽ اهو شخص جنهن سڄي زندگي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي، ان جو ڏوهه آخر ڪهڙو هو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پرامن احتجاج جماعت اسلامي به ڪيو، ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ان جا عظيم الشان پرامن مظاهرا ٿيا جن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. هن چيو ته پاڪستان جو آئين احتجاج جي اجازت ڏي ٿو ۽ ان جا مخصوص ضابطا هوندا آهن، احتجاج پرامن هجڻ گهرجي ۽ انتظاميا کان گهربل اجازتنامو حاصل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته امن کي خراب ڪرڻ، جلاءُ گهيراءُ ڪرڻ، هٿيارن جي استعمال ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ناقابل قبول آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪار به ڪنهن جا پٽ ۽ ڀاءُ آهن، جڏهن گهر مان نڪرن ٿا ته انهن جا گهرڀاتي دعاڳو هوندا آهن ته انهن جو پٽ يا ڀاءُ ملڪ ۽ قوم جي خدمت دوران محفوظ رهي پر بدقسمتي سان هڪ تاثر بڻجي ويو آهي ته ڪجهه اهو سمجهن ٿا ته اهي سڀ کان وڌيڪ ديندار آهن يا فلسطين جي ڪيس جا سڀ کان وڏا حامي رڳو اهي ئي آهن جيڪو سراسر غلط ۽ خطرناڪ ذهنيت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان نبي ڪريم ﷺ جي سنت تي عمل پيرا آهيون ۽ پاڻ ﷺ اسان کي زندگي گذارڻ جو مڪمل طريقيڪار ڏنو آهي، اڄ جيڪڏهن اسان پوليس اهلڪارن کي شهيد يا زخمي ڪريون ٿا ته اهو ڪهڙي دين ۾ لکيل آهي؟ هن چيو ته فلسطين جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي، فلسطيني خوشيون ملهائي رهيا آهن ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري رهيا آهن پر هتي هڪ پوليس انسپيڪٽر کي 21 گوليون هڻي شهيد ڪيو وڃي ٿو جيڪو نه دين ۾ جائز آهي نه قانون ۾ ۽ نه ئي آئين ۾. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن معاملو ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ٿي رهيو هجي ۽ ڪنهن جڳهه بابت ڳالهه ٿي رهي هجي پر ماڻهو ضد تي رهن ته صورتحال سدائين ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ قانون موجود آهي ۽ سڀني کي انهي طريقيڪار تحت رهڻو پوندو، انهي ضابطي موجب احتجاج ۽ ٻين معاملن جي اجازت ڏني وڃي ٿي. ان معاملي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ هو پاڻ شريڪ ٿيا.

مزید خبریں