اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون کٽڻ تي انڊيپنڊنٽ گروپ کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون، نئين چونڊيل صدر هارون الرشيد ۽ سيڪريٽري زاهد اسلم اعواڻ ۽ ٻين عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سدائين کان وڪيل برادري …
وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون کٽڻ تي انڊيپنڊنٽ گروپ کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جون چونڊون کٽڻ تي انڊيپنڊنٽ گروپ کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون، نئين چونڊيل صدر هارون الرشيد ۽ سيڪريٽري زاهد اسلم اعواڻ ۽ ٻين عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سدائين کان وڪيل برادري کي سڌارن جي عمل ۾ اهم حصيدار تصور ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سدائين وڪيلن سان رابطي ۾ رهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون چونڊيل صدر هارون الرشيد ۽ عهديدار ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ وڪيلن جي ڀلائي جو مشن جاري رکندا.











