اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف ترقياتي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي وزير آمريڪا- پاڪستان ناليج ڪوريڊور کي نئين سر فعال ڪرڻ ۽ ان کي وسعت …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف ترقياتي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي وزير آمريڪا- پاڪستان ناليج ڪوريڊور کي نئين سر فعال ڪرڻ ۽ ان کي وسعت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستاني اسڪالرز ۽ـ ماهرن کي آمريڪا جي نالي وارين يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته اهڙا پروگرام پاڪستان جي انساني سرمائي جي ترقي ۽ جدت واري معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نهايت اهم آهن. وفاقي وزير ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪي پاڪستان جي جٽادار ترقي ۽ مستقبل جي چٽاڀيٽيءَ لاءِ مُک اهميت رکن ٿا. هن تعليم، سائنس ۽ـ ٽيڪنالاجي جي ٻه طرفي ڳالهين واري فورم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اداره جاتي سهڪار، گڏيل تحقيق ۽ اڪيڊمڪ ۽ـ سائنسي رابطن کي هٿي وٺرائي سگهجي. ٻنهي ڌُرين پاڪستان آمريڪا ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل خوشحال، علم جي مٽاسٽا ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











