اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سياحت پاڪستان جي معيشت ۾ جدت، روزگار جا موقعا ۽ عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ مالم جبه انٽرنيشنل ايڊوائيزري بورڊ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سياحت واپاري سرگرمي ناهي پر قومن وچ ۾ ثقافتي هم آهنگي، …
سياحت پاڪستان جي معيشت ۾ جدت، روزگار جا موقعا ۽ عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سياحت پاڪستان جي معيشت ۾ جدت، روزگار جا موقعا ۽ عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ مالم جبه انٽرنيشنل ايڊوائيزري بورڊ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سياحت واپاري سرگرمي ناهي پر قومن وچ ۾ ثقافتي هم آهنگي، گڏيل تفهيم ۽ عوامي رابطن جي هڪ مضبوط پُل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه امڪان موجود آهن، جيڪي نه صرف ملڪ جي هاڪاري سُڃاڻپ دنيا آڏو اجاگر ڪري سگهن ٿا پر مقامي ماڻهن کي بااختيار بنائڻ ۽ شموليتي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ م پڻ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي ۽ عالمي سطح جي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي، جن پاڪستان جي سياحتي سگهه ۽ جٽادار ترقيءَ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينٽ جي ماحولياتي تبديليءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر شيري رحمان پڻ ان موقعي تي موجود هئي. سينيٽ چيئرمين لارڊ عامر سرفراز آف ڪينسنگٽن، ميمبر هائوس آف لارڊز ۽ وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ برطانيه جي ناتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندن خدمتن کي ساراهيو. هن لارڊ عامر سرفراز کي پاڪستان جو مخلص دوست قرار ڏيندي چيو ته سندس ڪوششن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ، سهڪار ۽ خيرسگالي وڌي آهي. سينيٽ چيئرمين جنرل پيٽرڪ سينڊرز جي شرڪت کي به قدر جوڳو قرار ڏيندي چيو ته سندس قيادت ۽ بصيرت ايڊوائيزري بورڊ جي مشاورت ۾ قيمتي اضافو ڪندي. هن مالم جبه انٽرنيشنل ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن کي پاڪستازن ۾ پائيدار سياحت ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندن مستقل ڪاوشن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سياحن جي اچڻ ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جيڪا ان جي شعبي جي وڌندڙ اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته ملڪي سياحت پڻ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان قدرتي منظرن جي دولت سان مالامال ملڪ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني زور ڀريو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي سياحتي سُڃاڻپ مستحڪم ڪرڻ لاءِ انفراسٽرڪچر، سهولتن، پهچ ۽ خدمتن جي معيار ۾ وڌيڪ بهتري اڻٽر آهي. هن مالم جبه کي هڪ مثالي سياحتي مقام قرار ڏيندي چيو آهي ته هتي قدرتي حسن، ايڊونچر اسپورٽس ۽ ثقافتي تجربن جو حسين ميلا پائيدار ترقيءَ جي اصولن موجب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي منصوبو ان ڳالهه جو واضح مثال آهي ته ڪهڙيءَ طرح حڪومتي سرپرستي، نجي شعبي جي جدت ۽ـ مقامي ڪميونٽي جي شموليت ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ مقامي معيشت کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. هن برطانيه جي ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ مربوط پليٽ مهيا ڪري ٿي. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ سياحت عيوض ثقافت ۽ تمدن جي مٽاسٽا کي مضبوط هٿي ملي ٿي، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. ان موقعي تي انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس جي سفير مصباح کر وفد کي ٻُڌايو ته سينيٽ چيئرمين کي انٽر پارليامينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس جو باني چيئرمين چونڊيو ويو آهي، آءِ ايس سي جو اجلاس پاڪستان ۾ ايندڙ مهيني نومبر ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ 45 ملڪن جا اسپيڪرز شرڪت ڪندا. هن چيو ته امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ اها ڪانفرنس گڏيل چئلينجز ۽ موقعن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندي.











