وزيراعظم جي بنا وياج قرض پروگرام تحت 5 سالن ۾ 23.4 لک قرض جاري، 57 سيڪڙو عورتون شامل

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي بنا وياج قرض پروگرام تحت گذريل 5 سالن ۾ 20 لک کان وڌيڪ قرض جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان 57 سيڪڙو عورتن کي ڏنا ويا آهن. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويز مطابق پاڪستان پاورٽي ايليويئيشن فنڊ(پي پي اي ايف) مجموعي طور تي 23.4 لک بنا وياج قرض ڏنا جنهن سان 74.6 سيڪڙو فائدو کڻندڙن جي معاشي حالت ۾ بهتري آئي. …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي بنا وياج قرض پروگرام تحت گذريل 5 سالن ۾ 20 لک کان وڌيڪ قرض جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان 57 سيڪڙو عورتن کي ڏنا ويا آهن. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويز مطابق پاڪستان پاورٽي ايليويئيشن فنڊ(پي پي اي ايف) مجموعي طور تي 23.4 لک بنا وياج قرض ڏنا جنهن سان 74.6 سيڪڙو فائدو کڻندڙن جي معاشي حالت ۾ بهتري آئي. دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته پروگرام جي 97.4 سيڪڙو فائدو کڻندڙن پنهنجا قرض باقاعدگي سان واپس ڪيا جيڪو مالي نظم ۽ ضبط ۽ پروگرام جي موثريت کي ظاهر ڪري ٿو. انگن اکرن مطابق بنا وياج قرضن مان 31 سيڪڙو واپاري سامان، 24 سيڪڙو چوپائي مال پالڻ(پولٽري، مڇي فارم)، 20 سيڪڙو هٿ جو هنر، 17 سيڪڙو خدمتن، 7 سيڪڙو ننڍين صنعتن(ورڪشاپ، انجينئرنگ) ۽ هڪ سيڪڙو زرعي سرگرمين لاءِ جاري ڪيا ويا. پي پي اي ايف جي هڪ اعليٰ عهديدار ويلٿ پاڪستان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جو بنا وياج قرض پروگرام شموليتي ۽ پائيدار مالي بااختياري جي بهترين مثال آهي.

مزید خبریں