اسلام آباد - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان تي حملو ڀارت جي هُشي تي ٿيو، پاڪ فوج حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پاڪستان تي حملو ٿيو ته افغان پرڏيهي وزير دهلي ۾ ويٺل هو، افغانستان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو آهي، اسان پنهنجي جائز شرطن سان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ …
افغانستان مان پاڪستان تي حملو ڀارت جي هُشي تي ٿيو، حملي وقت افغان پرڏيهي وزير دهلي ۾ ويٺل هو، افغانستان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته افغانستان مان پاڪستان تي حملو ڀارت جي هُشي تي ٿيو، پاڪ فوج حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پاڪستان تي حملو ٿيو ته افغان پرڏيهي وزير دهلي ۾ ويٺل هو، افغانستان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو آهي، اسان پنهنجي جائز شرطن سان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهيون، غزه ۾ جنگبندي ۽ رتوڇاڻ بند ٿيڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان جو موقف واضح آهي، فلسطينين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي، غزه جي معاملي تي سياست ڪندڙ ان وقت ڪٿي هئا جڏهن اتي گهٽين پاڙن ۾ رت وهي رهيو هو، پاڪستان ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي لاءِ پڻ آواز اٿاريندو رهندو، آءِ ايم اف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو آهي، اهو هاڻي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجڻ گهرجي، معرڪه حق کانپوءِ ملڪ جو وقار بلند ٿيو آهي، پاڪستان اقتصادي طور تي به مستحڪم ٿيندو ته دنيا ان طرف ڏسندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغان عملدارن کي ڪيترائي ڀيرا اهو سمجهائڻ جي لاءِ خلوص سان ڪوشش ڪئي وئي ته افغانستان ۾ رهندڙ ڪروڙين ماڻهو اسان جا ڀينر ۽ ڀائر آهن، پاڪستان ۽ افغانستان جي 2 هزار ڪلوميٽر ڊگهي گڏيل سرحد آهي، پاڪستان خلوص سان محدود وسيلن جي باوجود 40 لک افغان شهرين جي پاڪستان ۾ ڏهاڪن تائين ميزباني ڪئي، اسان ڀائيچاري جي رشتي کي قائم رکيو پر بدقسمتي سان افغانستان مان ڪارروايون دهشتگرد ڪري رهيا آهن، انهن کي کليل ڇوٽ آهي اهي نه رڳو پاڪستان ۾ بيگناهه شهرين کي شهيد ڪري رهيا آهن پر پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي پڻ شهيد ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته تازي واقعن کانپوءِ پاڪستان جي صبر جو پئمانو ڀرجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪيترائي ڀيرا افغانستان جو دورو ڪيو، دفاع وارو وزير ۽ ٻيا عملدار پڻ افغانستان ويا ۽ افغان عملدارن سان سٺي طريقي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اسان پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ اسان کي پاڙيسري رهڻو آهي، معاملن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ ترقي جو دور شروع ٿئي، بدقسمتي سان سمورين ڪوششن جي باوجود افغانستان امن کي ترجيح نه ڏني ۽ جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ڀارت جي هُشي تي پاڪستان تي جڏهن حملو ٿيو ته افغانستان جو پرڏيهي وزير دهلي ۾ ويٺل هو پوءِ مجبور ٿي اسان جي بهادر پاڪ فوج کي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ دفاع جو حق استعمال ڪندي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو پيو، ان کانپوءِ افغانستان جنگبندي جي درخواست ڪئي، افغانستان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگبندي جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي اسان جي جائز شرطن تحت ڳالهه ٻولهه ڪري معاملا طئي ڪرڻ چاهين ٿا ته ان جي لاءِ تيار آهيون، اهو پيغام افغان عملدارن کي ڏنو ويو آهي، هاڻي بال انهن جي ڪورٽ ۾ آهي، جيڪڏهن واقعي اهي سنجيده آهن ته ڳالهه اڳتي وڌائين. وزيراعظم چيو ته اسان جي دوست ملڪن خاص طور تي قطر معاملي کي انتهائي سنجيدگي ۽ خلوص سان طئي ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، شرم الشيخ ۾ جڏهن منهنجي قطر جي امير سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته پاڪستان تي حملو نه ٿيڻ گهرجي ها، اسان چاهيون ٿا ته ان معاملي کي حل ڪرايون اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته افغان عملدارن کي به چيو ته گڏيل مشاورت ۽ تعاون سان امن جو ماحول قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته فتنه الخوارج جو خاتمو ٿئي ۽ افغانستان جي سرزمين دهشتگردن جي استعمال ۾ نه اچي ۽ اهو معاملو پائيدار بنيادن تي حل ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، شهيدن جي پونئيرن به چيو ته دهشتگردن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 2018ع ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي ويو هو، ڪهڙو سبب آهي جو ان فتني ٻيهر ڪَر کنيو، اڳوڻي حڪومت هزارين دهشتگردن کي ٻيهر کليل ڇوٽ ڏني ۽ انهن کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو، اهو دهشتگردي جي فتني جي ٻيهر ڪَر کڻڻ جو بنيادي سبب آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان حڪومت جي درخواست تي 48 ڪلاڪن جي لاءِ جنگبندي ٿي آهي جيڪڏهن وقت گذاري جي لاءِ اهو ڪيو ويو ته ان کي اسان قبول نه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته شرم الشيخ ۾ غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، 74 هزار ٻار ٻارڙيون، مائرون، ڀينرون، بزرگ ۽ نوجوان شهيد ٿيا آهن، غزه جي ٻارن کي اسڪولن اسپتالن ۾ شهيد ڪيو پئي ويو ته انهن کي بچائڻ وارو ڪير نه هو، جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا هئا ته ان وقت هتي اهي ماڻهو جيڪي نه ٿا چاهين ته امن قائم ٿئي اهي ان جي آڙ ۾ سياست ڪرڻ چاهيندا هئا، غزه جنگبندي جي معاملي تي سياست ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، ڪٿان جو اصول ۽ ڀائيچارو آهي، جڏهن نئين ڄاول ٻار شهيد ٿي رهيا هئا، غزه جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ رت وهي رهيو هو، اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ انهن کي شهيد ڪيو پئي ويو ان وقت اهي ماڻهو ڪٿي هئا اهي ان وقت جنگبندي ڪرائي وٺن ها جڏهن رت وهي رهيو هو. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جنگبندي کانپوءِ هاڻي رتوڇاڻ بند ٿي وئي آهي، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان ۾ صدر ٽرمپ ۽ سمورن اسلامي ملڪن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي خاص طور تي قطر سعودي عرب، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات ۽ ترڪيه جو ڪردار انتهائي اهم آهي، معاهدي تي ترڪيه، مصطر، قطر ۽ آمريڪا صحيحون ڪيون آهن پاڪستان به پنهنجو فرض نڀايو. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ سان ملاقات ٿي، واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به شريڪ هو، شرم الشيخ ۾ امن معاهدي تي غزه ۾ جشن ملهايو ويو ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ سجده ريز ٿيا، ماڻهن جي اميد ٿي وئي ته هاڻي امن قائم ٿي ويندو، ٻن سالن ۾ غزه ۾ 74 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ان ڏاڍ جو موجوده وقت ۾ ڪو مثال نٿو ملي، اسان کي الله تعاليٰ آڏو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته اتي امن قائم ٿيو، هاڻي اڳئين مرحلي ۾ پاڪستان جو ڪردار ۽ موقف واضح آهي، فلسين جي رياست قائم ٿيڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب فلسطينين کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي، اسان انهن جي حق جي لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي لاءِ پڻ سدائين آواز اٿاريو آهي ۽ انشاءَ الله اٿاريندو رهندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو آهي ان تي پوري ٽيم جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو هاڻي پاڪستان کي قسط ملي ويندي، اهو هاڻي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجڻ گهرجي، وقت اچي ويو آهي ته قرضن مان جان ڇڏايون پر اهو آسان ڪم نه آهي، ڏکيو مرحلو آهي ان جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي تڏهن وڃي پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهنداسين ۽ پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائداعظم جي خوابن موجب ملڪ ٺاهي سگهنداسين ان جي لاءِ محنت ۽ وڌيڪ محنت پهرين شرط آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ٺاهڻو پوندو جهڙي طرح معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان جو دنيا ۾ وقار بلند ٿيو آهي، پاڪستان اقتصادي طور تي مستحڪم ٿيندو ته ان جي آواز ۾ وزن ٿيندو ۽ دنيا توهان کي ڏسندي، پاڪستان جي عوام سان اهو واعدو ڪريون ٿا ته اسان اڻٿڪ محنت ڪنداسين، ميرٽ کي يقيني بڻائينداسين ۽ پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائينداسين جنهن جو خواب قائد ڏٺو هو ۽ جنهن جي لاءِ لکين ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا هئا.











