قرآن ڪريم هدايت جو اهو سرچشمو آهي جيڪو ڪاميابيءَ سان گڏ منزل سان همڪنار ڪري ٿو: سردار محمد يوسف

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته قرآن ڪريم هدايت جو اهو سرچشمو آهي جيڪو ڪاميابيءَ سان گڏ منزل سان همڪنار ڪري ٿو، قرآن ۽ سنت کان رهنمائي وٺڻ سان ئي اسان پنهنجي معاشري کي اسلامي اصولن موجب اختيار ڪري سگهجي ٿو، هر ڪلمي پڙهندڙ تي لازم آهي ته هو قرآن ڪريم جو علم حاصل ڪري ۽ ان تي عمل …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته قرآن ڪريم هدايت جو اهو سرچشمو آهي جيڪو ڪاميابيءَ سان گڏ منزل سان همڪنار ڪري ٿو، قرآن ۽ سنت کان رهنمائي وٺڻ سان ئي اسان پنهنجي معاشري کي اسلامي اصولن موجب اختيار ڪري سگهجي ٿو، هر ڪلمي پڙهندڙ تي لازم آهي ته هو قرآن ڪريم جو علم حاصل ڪري ۽ ان تي عمل ڪري. هو وزارت جي انتظام هيٺ 40هين حفظ ۽ قرائت قرآن ڪريم بابت سالياني مقابلي جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير مقابلي ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙن کي مبارڪون پيش ڪيون ـ۽ چيو ته الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ”اوهان مان سڀ کان بهترين اهي ماڻهو آهن جيڪي قرآن جو علم حاصل ڪن ۽ ٻين کي ان جي تعليم ڏين.“ هن چيو ته اهي والدين به خوشنصيب آهن جن جي ٻارن کي الله تعاليٰ اها سعادت عطا ڪئي ۽ اهي استاد به الله جي ويجهو بي انتها مقبول آهن جيڪي قرآن ڪريم جي تعليم ڏين ٿا. هن چيو ته حقيقت ۾ قرآن ڪريم ئي اهو هدايت وارو ڪتاب  آهي جنهن تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي سان همڪنار ٿي سگهجي ٿو. هن چيو ته اهي ٻار خوشنصيب آهن جن پنهنجي دلين کي قرآن ڪريم جي روشنيءَ سان منور ڪيو، انهن ٻارن ضلعي، ڊويزن ۽ـ صوبائي مقابلن کانپوءِ قومي مقابلن ۾ حصو ورتو. سندس چوڻ هو ته قرآن پاڪ جي تلاوت روح جي پاڪائي ۽ دل جي سڪون جو نالو آهي، قرآن ڪريم کي آهستي آهستي پڙهڻ جو حڪم آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري کي اسلامي اصولن موجب اختيار ڪرڻو آهي ته اسان کي قرآن ۽ سنت مان رهنمائي وٺڻي پوندي. هن چيو ته وزارت جي انتظام هيٺ عالمي مقابلن ۾ دنيا جي 57 ملڪن مان ٻار حصو وٺندا، نيڪيءَ کي ڦهلائڻ ۽ بُرائيءَ کي روڪڻ اسلام جو حڪم آهي، بنا تحقيق جي ڪا ڳالهه نه ڦهلائڻ گهرجي، معاشري جي اصلاح لاءِ عالم سڳورن کي محراب ۽ منبر مان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير مختلف ڪيٽيگريز جي مقابلن ۾ پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ايندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ روڪ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا.

مزید خبریں