اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلاف افغان طالبان جي جارحيت خلاف موثر ۽ ڀرپور رد عمل ڏيڻ تي ڪاڪڙ قبيلي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي بلوچستان جي علائقي چمن جي ڪاڪڙ قبيلي جا اڳواڻ پاڪ فوج سان گڏ آهن. اڳواڻن چيو ته ڪو به اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک سان نه ڏسي، اسان هر …
پاڪستان خلاف افغان طالبان جي جارحيت تي قبائلي اڳواڻن جو پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان خلاف افغان طالبان جي جارحيت خلاف موثر ۽ ڀرپور رد عمل ڏيڻ تي ڪاڪڙ قبيلي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي بلوچستان جي علائقي چمن جي ڪاڪڙ قبيلي جا اڳواڻ پاڪ فوج سان گڏ آهن. اڳواڻن چيو ته ڪو به اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک سان نه ڏسي، اسان هر ڪنهن کي جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، اسان پاڪ فوج ۽ ايف سي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان کي ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حڪومت کان اجازت گهربل آهي، پاڪستان لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ اسان تيار آهيون، هي ملڪ، هي وطن ۽ هي مٽيءَ اسان جي ماءُ وانگر آهي، ڪاڪڙ قبيلي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪور ڪمانڊر ۽ آءِ جي ايف سي کي درخواست آهي ته اسان کي اجازت ڏين، اسان مڪمل طور تي الرٽ ۽ تيار آهيون، اسان حڪمرانن جي هڪ اشاري جا منتظر آهيون.











