پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت پاران آسٽريليا جي گورنر جنرل سم موسٽن کي پنهنجون سندون پيش

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت آسٽريليا جي گورنر جنرل سم موسٽن کي پنهنجون سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي آسٽريليا جي گورنمينٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪ - آسٽريليا لاڳاپن کي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ سائنسي …

اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت آسٽريليا جي گورنر جنرل سم موسٽن کي پنهنجون سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي آسٽريليا جي گورنمينٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب هاءِ ڪمشنر عرفان شوڪت ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪ – آسٽريليا لاڳاپن کي سياسي، معاشي، تعليمي ۽ سائنسي شعبن ۾ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستاني برادري جو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا رابطا وڌائڻ ۾ اهم  ڪردار آهي. هاءِ ڪمشنر  عرفان شوڪت گڏيل سهڪار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي زور ڀريندي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ ريسرچ ۽ تعليم جي اهميت تي پڻ زور ڀريو.

مزید خبریں