لنڊن-16 آڪٽوبر(اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي ڪلب چيلسي جي هيڊ ڪوچ اينزو ماريسڪا کي نامناسب رويي تي هڪ ميچ جي پابندي ۽ 8 هزار پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو هلندڙ مهيني دوران پيش آيو. جڏهن 95 منٽن ۾ سٽيواو ويليان جي گول تي اينزو ماريسڪا جوش ۾ اچي ڪري پنهنجو فني علائقو ڇڏي رانديگرن سان گڏ جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ريفري انٿوني …
چيلسي جي هيڊ ڪوچ تي هڪ ميچ جي پابندي ۽ 8 هزار پائونڊ ڏنڊ لاڳو

مزید خبریں
لنڊن-16 آڪٽوبر(اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي ڪلب چيلسي جي هيڊ ڪوچ اينزو ماريسڪا کي نامناسب رويي تي هڪ ميچ جي پابندي ۽ 8 هزار پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو هلندڙ مهيني دوران پيش آيو. جڏهن 95 منٽن ۾ سٽيواو ويليان جي گول تي اينزو ماريسڪا جوش ۾ اچي ڪري پنهنجو فني علائقو ڇڏي رانديگرن سان گڏ جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ريفري انٿوني ٽيلر ان کي ٻيو ييلو ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر موڪلي ڇڏيو. فٽبال ايسوسي ايشن (ايف اي) پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته الزام هيو ته ڪوچ غير مناسب انداز اپنائڻ ۽ امڪاني طور تي نامناسب يا توهين آميز زبان استعمال ڪئي، جنهن جي بنياد تي ان کي راند جي 95 منٽن اندر ٻاهر موڪليو ويو. هن الزامن کي تسليم ڪندي سزا قبول ڪري ڇڏي آهي هو هفتي واري ڏينهن ناٽنگهم فاريسٽ خلاف ٿيندڙ مقابلي ۾ ڊگ آئوٽ ۾ موجود نه هوندو ان جي غير موجودگي ۾ اسسٽنٽ ڪوچ ويلي ڪابيا يرو ٽيم جي قيادت ڪندو. اها اينزو ماريسڪا تي پريميئر ليگ ۾ ٻيون ڀيرو ٽچ لائن پابندي آهي. ان کان اڳ اپريل 2025 ۾ هو فلهام خلاف ميچ دوران جشن ملهائيندو ٽيون ييلو ڪارڊ حاصل ڪرڻ تي هڪ ميچ جي پابندي کي منهن ڏنو هو.











