انڊر – 20 فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽائن ۽ مراڪش جون ٽيمون فائنل ۾ پهچي ويون

سانتياگو-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن ۽ مراڪش جون ٽيمون فيفا جي اهتمام هيٺ چلي ۾ جاري  24هين انڊر - 20 ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ جي فائنل  ۾ پهچي ويون آهن، جڏهن ته فرانس ۽ ڪولمبيا جون ٽيمون فائنل لاءِ ڪوليفاءِ نه ڪري سگهيون. ميڊيا رپورٽن موجب انڊر -20 فٽ بال ورلڊ ڪپ جي عالمي ميلي ۾ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.ميگا ايونٽ جي …

سانتياگو-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن ۽ مراڪش جون ٽيمون فيفا جي اهتمام هيٺ چلي ۾ جاري  24هين انڊر – 20 ورلڊ ڪپ فٽ بال ٽورنامينٽ جي فائنل  ۾ پهچي ويون آهن، جڏهن ته فرانس ۽ ڪولمبيا جون ٽيمون فائنل لاءِ ڪوليفاءِ نه ڪري سگهيون. ميڊيا رپورٽن موجب انڊر -20 فٽ بال ورلڊ ڪپ جي عالمي ميلي ۾ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل رائونڊ جي پهرين ٽاپ فور ميچ ۾ ارجنٽائن ۽ ڪولمبيا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. اها ميچ سانتياگو ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ ارجنٽائن جي ٽيم سخت مقابلي کان پوءِ ڪولمبيا جي ٽيم کي0-1 جي گول تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ مراڪش ۽ فرانس جون ٽيمون الياس فيگرو برانڊر اسٽيڊيم، والپاريسو ۾ آمهون سامهون ٿيون. مراڪش ۽ فرانس جي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، ٻئي ٽيمون مقرر وقت تائين 1-1 گول تان برابر رهيون. جڏهن ته فيصلي لاءِ پينلٽي شوٽ آئوٽ جو سهارو ورتو ويو جنهن ۾ مراڪش  جي ٽيم فرانس کي 4-5 جي گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي.