پرٿ - 16 آڪٽوبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 19 آڪٽوبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ مطابق ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي - ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون …
آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات 19 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي

مزید خبریں
پرٿ – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 19 آڪٽوبر تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ مطابق ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي جيڪا پرٿ اسٽيڊيم، پرٿ ۾ کيڏي ويندي . ون ڊي سيريز ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مشهور آل رائونڊر مچل مارش ڪندو جڏهن ته ڀارتي ٽيم کي شبمن گل اڳواڻي ڪندو ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي . پنجن ٽي -20 ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 29 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ، ٻي ٽي -20 ميچ 31 آڪٽوبر تي ميلبورن، ٽئين ٽي-20 ميچ 2 نومبر تي هوبارٽ، چوٿين ٽي-20 ميچ تي 6 نومبر تي بل پيپن اوول، گولڊ ڪوسٽ ۽ پنجين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 8 نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي.











