نعمان علي جي جادو واري بالنگ، ليجنڊ عبدالقادر جو 37 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ اسپن بالر نعمان علي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾  قذافي اسٽيم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اڳوڻي ليجنڊ اسپنر عبدالقادر جو 37 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب 39 سالن جي نعمان علي 5 ٽيسٽ جي تسلسل ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني اسپن بالر بڻجي ويو آهي. هن ڪيريئر …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ اسپن بالر نعمان علي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾  قذافي اسٽيم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اڳوڻي ليجنڊ اسپنر عبدالقادر جو 37 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب 39 سالن جي نعمان علي 5 ٽيسٽ جي تسلسل ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني اسپن بالر بڻجي ويو آهي. هن ڪيريئر جي 16 کان 20 هين ٽيسٽ ميچ دوران  46 وڪيٽون حاصل ڪيون. اڳوڻي ليجنڊ اسپنر عبدالقادر 1987ع ۽ 88ع ۾ ڪيريئر جي 48 هين کان 52 هين ٽيسٽ ۾ 44 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. نعمان علي ڏکڻ آفريقا خلاف لاهور ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 10 وڪيٽون حاصل ڪيون، هن پهرين اننگز ۾ 6 جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 4 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. هلندڙ سال جي شروعات ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نعمان علي 6 ۽ ٻي ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽون ورتيون هيون جڏهن ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ نعمان علي ملتان ۾ 11 ۽ راولپنڊي ۾ 9 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو. واضح رهي ته نعمان علي ڏکڻ آفريقا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پنهنجو نالو رڪارڊ بڪ ۾ داخل ڪرايو هو. 39 سال نعمان علي ڏکڻ آفريقا جي پهرين اننگز ۾ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 9 ڀيرا هڪ اننگ ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ وڪيٽون ورتيون آهن، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 وڪيٽون وٺندڙ پاڪستاني ليفٽ آرم اسپينر بڻجي ويو آهي.