ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي – 20 ميچن جي سيريز لاءِ هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي

جميڪا- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ (سي ڊبليو آئي) مطابق ويسٽ انڊيز جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي ۽ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف 3 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۽ 03 ٽي - 20 ميچن جي سيريز کيڏندي. بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 18 آڪٽوبر تي پهرين ون ڊي ميچ سان شروع …

جميڪا- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ (سي ڊبليو آئي) مطابق ويسٽ انڊيز جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي ۽ ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف 3 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۽ 03 ٽي – 20 ميچن جي سيريز کيڏندي. بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 18 آڪٽوبر تي پهرين ون ڊي ميچ سان شروع ٿيندي. اها ميچ شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 21 آڪٽوبر تي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 23 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٽئي ون ڊي ميچون شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم، ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون. شائي هوپ کي ون ڊي سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد تي – 20 سيريز جي شروعات 27 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي -20 ميچ 29 آڪٽوبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي-20ميچ 31 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٽي-20سيريز جون ٽئي ميچون ايم اي عزيز اسٽيڊيم، چٽوگرام ۾ کيڏيون وينديون .