شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي غزه امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، ترڪيه جي صدر رجب طيب …
غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي غزه امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان عالمي اڳواڻن جي موجودگي ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ترڪيه، مصر، قطر سميت دوست ملڪن جي اڳواڻن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته انهن جي ڪوششن سان هي امن معاهدو ممڪن ٿيو جنهن سان نه رڳو وچ اوڀر ۾ امن قائم ٿيندو پر سڀ گڏجي غزه جي نئين سر تعمير ڪندا. آمريڪي صدر چيو ته اڄ پوري دنيا جي لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، هي معاهدو تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح جو ڪامياب ڏينهن هن اڳ ۾ ناهي ڏٺو. هن چيو ته هن معاهدي سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن قائم ٿيندو. آمريڪي صدر جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ شرڪت ڪندڙن تاريون وڄائي معاهدي جي آجيان ڪئي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت عالمي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته غزه امن معاهدو تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان سان خطي ۾ امن قائم ٿيندو. موجوده حالتن ۾ امن معاهدو لازمي آهي، معاهدي جي لاءِ دوست ملڪن جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته مصر دوست ملڪن سان گڏجي نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، هي معاهدو فلسطين جي عوام جي لاءِ اميد جي ڪِرن آهي ۽ پائيدار امن جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو تاريخي معاهدي جي ڪاميابي تي سڀني کي مبارڪباد ڏي ٿو. ان سان غزه ۾ امن ۽ ترقي ٿيندي. دوست ملڪن جي معاهدي ۾ ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته اسان سڀ وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هي هڪ غيرمعمولي ڪاميابي آهي، آمريڪي صدر چيو ته هاڻي غزه ۾ نئين سر تعمير ٿيندي جنهن جي لاءِ دوست ملڪ تعاون ڪندا. هن معاهدي جي لاءِ مصر ۽ قطر جي امير جي ڪردار کي خاص طور تي ساراهيو جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ اردن جي شاهه کي پڻ ساراهيو، آمريڪي صدر پاڻ سان گڏ ويٺل وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا پڻ ٿورا ادا ڪندي انهن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم پاڪستان پڻ هتي موجود آهي. ان سان گڏ ئي هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڳالهه ٻولهه جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڻٿڪ ڪوششن سان امن قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڏکڻ ايشيا ۾ پڻ جنگ روڪرائڻ جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان آمريڪي صدر کي پاڪ ڀارت جنگ روڪرائڻ ۽ امن جي لاءِ شاندار ڪردار تي نوبل انعام جي لاءِ نامزد ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ تاريخي ڏينهن آهي. صدر ٽرمپ پاڪ ڀارت جنگ روڪرائي ۽ وچ اوڀر ۾ پڻ جنگبندي ڪرائي لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ائٽمي طاقتون آهن، جنگ جاري رهي ها ته ان جو انجام خبر ناهي ڇا ٿئي ها. تاريخ آمريڪي صدر جي جنگبندي جي ڪوششن کي سدائين ياد رکندي. آمريڪي صدر وزيراعظم جي خطاب کانپوءِ سندس ٿورا ادا ڪندي چيو ته سندس خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سٺا پاڙيسري بڻجي رهن. هن عرب ليگ، فلسطين – آذربائيجان انڊونيشيا سميت دوست ملڪن جي قيادت کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته امن معاهدو عالمي اڳواڻن جي ڪوششن سان ممڪن ٿيو. هو متحرڪ عالمي اڳواڻن جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته امن معاهدو نه ٿئي ها ته وچ اوڀر ۾ ٽئين عالمي جنگ ٿي سگهي پئي. هن چيو ته اڳوڻي آمريڪي انتظاميا جي دور ۾ امن کي نقصان پهتو، هن وچ اوڀر ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.








