پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو لائيو اسٽريمنگ پليٽ فارم لانچ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد - 10 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو لائيو اسٽريمنگ پليٽ فارم لانچ ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد ڪرڪيٽ مداحن کي لائيو ميچون ڏسڻ جي سهولت ڏيڻ آهي. اها پي سي بي لائيو ڪرڪيٽ بورڊ جي پهرين او ٽي ٽي سروس آهي. پي سي بي مطابق پهرين مرحلي ۾ برطانوي مداحن کي لائيو ميچن جي سهولت ڏني پئي وڃي. پي سي بي لائيو دنيا جي سمورن خطن …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو لائيو اسٽريمنگ پليٽ فارم لانچ ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد ڪرڪيٽ مداحن کي لائيو ميچون ڏسڻ جي سهولت ڏيڻ آهي. اها پي سي بي لائيو ڪرڪيٽ بورڊ جي پهرين او ٽي ٽي سروس آهي. پي سي بي مطابق پهرين مرحلي ۾ برطانوي مداحن کي لائيو ميچن جي سهولت ڏني پئي وڃي. پي سي بي لائيو دنيا جي سمورن خطن ۾ دستياب هوندو. او ٽي ٽي پليٽ فارم تي پهريم لائيو سيريز پاڪستان ۽ آفريقا جي هوندي. آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ پي سي بي لائيو جي موبائل ايپليڪيشن به دستياب هوندي. ايئن مداح موبائل فون ۽ اسمارٽ ڊيوائسز تي به ميچون ڏسي سگهندا. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيمن جون سموريون ميچون سڌي ريت نشر ٿينديون، ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون ڏسڻ جي سهولت دستياب هوندي. پي ايس ايل سميت چونڊيل ڊوميسٽڪ مقابلا به نشر ڪيا ويندا. صارفين پي سي بي جي آرڪائيو مواد تائين به پهچ حاصل ڪري سگهندا. رانديگرن جا انٽرويوز، دستاويزي فلمون ۽ تازيون اپڊيٽس به دستياب هونديون.