سانتياگو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن، ڪولمبيا، ناروي ۽ فرانس جون ٽيمون فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ چلي ۾ جاري 24 هين انڊر - 20 ورلڊ فٽ بال ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق انڊر - 20 فٽ بال ورلڊ ڪپ جي چلي ۾ سجايل عالمي ميلي ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ …
انڊر – 20 فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽائن ، ڪولمبيا، ناروي ۽ فرانس جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون

مزید خبریں
سانتياگو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) ارجنٽائن، ڪولمبيا، ناروي ۽ فرانس جون ٽيمون فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي اهتمام هيٺ چلي ۾ جاري 24 هين انڊر – 20 ورلڊ فٽ بال ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق انڊر – 20 فٽ بال ورلڊ ڪپ جي چلي ۾ سجايل عالمي ميلي ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا فٽ بال ٽورنامينٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي.ميگا ايونٽ جا چار ڪوارٽر فائنل مقابلا 11 ۽ 12 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا، جڏهن ته ميگا ايونٽ جا ٻه سيمي فائنل مقابلا 15 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا .ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 18 آڪٽوبر جڏهن ته فائنل ميچ 19 آڪٽوبر تي جوليو مارٽينيزپرادانوس نيشنل اسٽيڊيم، سانتياگو ۾ کيڏي ويندي.











