اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مُوجب 08 آڪٽوبر تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 281 روپيا 20 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 96 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو …
پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مُوجب 08 آڪٽوبر تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسن جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 281 روپيا 20 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 96 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 745 رپيا 95 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 730 رپيا 37 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 920 رپيا 48 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 77 رپيا 14 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 282 رپيا 70 پئسا ۽ وڪرو 282 رپيا 80 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.











