اليڪشن ڪميشن پاران قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 18 هريپور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 18 هريپور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جتي پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي، اها سيٽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان جي نااهلي سبب خالي ٿي. اي سي پي مان جاري شيڊول موجب اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ پنهنجا اختيار …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 18 هريپور ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جتي پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي، اها سيٽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان جي نااهلي سبب خالي ٿي. اي سي پي مان جاري شيڊول موجب اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي پهرين آڪٽوبر جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ پنهنجا اختيار ڪتب آڻيندي ان تڪ ۾ ننڍي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذ 15 کان 17 اڪٽوبر ۽ جاچ پڙتال 22 آڪٽوبر تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 27 آڪٽوبر تائين داخل ڪرائي سگهبيون ۽ اپيليٽ ٽربيونل طرفان ان تي فيصلو 3 نومبر تائين ٿيندو. نظرثاني ٿيل فهرست 4 نومبر تي جاري ڪئي ويندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ 5 نومبر تائين واپس وٺي سگهبا. اميدوارن کي چونڊ نشان 6 نومبر تي الاٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته پولنگ 23 نومبر تي ٿيندي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر هري پور ذيشان خان کي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں