سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران اورڪزئي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ان ڪارروائيءَ ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب ۽ 9 نوجوانن کي سلامِ عقيدت پيش ڪريان ٿو، قوم پنهنجي انهن بهادر پُٽن جي قربانين …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 19 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ان ڪارروائيءَ ۾ شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق، ميجر طيب ۽ 9 نوجوانن کي سلامِ عقيدت پيش ڪريان ٿو، قوم پنهنجي انهن بهادر پُٽن جي قربانين تي فخر ڪري ٿي. هن شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جو قيمتي اثاثو آهن جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. سينيٽ چيئريمن زخمي ٿيل جوانن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ پڻ دُعا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جا آفيسر ۽ جوان پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پوري قوم دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگرديءَ کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ قوم، حڪومت ۽ پاڪ فوج متحد آهي.

مزید خبریں