اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي سندس عهدي کان هٽائڻ وارين خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي سندس عهدي تان هٽائڻ يا کانئس استعيفيٰ وٺڻ جي خبرن ۾ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي عهدي کان هٽائڻ وارين خبرن جي ترديد

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي سندس عهدي کان هٽائڻ وارين خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي سندس عهدي تان هٽائڻ يا کانئس استعيفيٰ وٺڻ جي خبرن ۾ ڪا صدارت ناهي. هن چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه غور هيٺ ناهي ۽ نه ئي اهڙيءَ طرح جو ڪو عمل ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ڪجهه پرائيويٽ ميڊيا چينلز تي ان حوالي سان خبرون هلايون ويون هيون ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ آزاد ڪشمير جي معاملن تي بڻايل ڪميٽي جي ميمبرن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي سندس عهدي تان هٽايو پيو وڃي. وفاقي وزير اهڙين خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته ان ۾ ڪا صداقت ناهي.











