خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا – ايشيا – آفريقا ٽريڊ پروموشن آفيس جي صدر جي ملاقات

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا – ايشيا – آفريقا ٽريڊ پروموشن آفيس جي صدر هائو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي زراعت تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي چين جي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهون ٿا. هن …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سان چائنا – ايشيا – آفريقا ٽريڊ پروموشن آفيس جي صدر هائو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي زراعت تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي چين جي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز ۽ مهارت مان فائدو کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ آبپاشي جا موثر طريقا متعارف ڪرائڻ ۽ پاڻي جي زيان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن. خاتون اول قابل تجديد توانائي ۾ اهم عالمي سيڙپڪارن مان هڪ جي طور تي چين جي ڪردار کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي، سياحت ۽ تعليمي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. چائنا – ايشيا – آفريقا ٽريڊ پروموشن آفيس جي صدر هائو خاتون اول کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين ايندڙ سال سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائيندا جيڪو شاگردن ۽ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ آبادگارن جي پيشيواراڻي تربيت ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو هڪ موقعو آهي. هن خاتون اول کي انهن شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ چين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں