صدر پاران اورڪزئي ضلعي ۾ جرئتمنداڻي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اورڪزئي ضلعي ۾ جرئتمنداڻي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي حمايت يافته خوارج جي 19 دهشتگردن جي خاتمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بهادر فرزندن ملڪ جي دفاع ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي لازوال مثال قائم ڪيو آهي. هن ليفٽيننٽ …

اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اورڪزئي ضلعي ۾ جرئتمنداڻي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ڀارتي حمايت يافته خوارج جي 19 دهشتگردن جي خاتمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بهادر فرزندن ملڪ جي دفاع ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي لازوال مثال قائم ڪيو آهي. هن ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق شهيد، ميجر طيب راحت ۽ ٻين شهيدن کي قوم جا هيرو قرار ڏيندي شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر ۽ حوصلي جي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جي عزم ۽ اتحاد جي علامت آهن. هن پاڪستان جي سرزمين تان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم ورجائيندي چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل آهي.

مزید خبریں