پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران سيزن 26-2025ع لاءِ ميچ آفيشلز جي مختلف پينلز جو اعلان

راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سيزن 26-2025ع لاءِ ميچ آفيشلز جي مختلف پينلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ سينيئر امپائرز ۽ ميچ ريفريز سان گڏوگڏ اڀرندڙ آفيشلز به شامل آهن. اعلان مطابق پي سي بي انٽرنيشنل پينل ۾ ميچ ريفري علي نقوي جڏهن ته امپائرز آصف يعقوب، فيصل آفريدي، راشد رياض ۽ سليمه امتياز شامل آهن. اهي سمورا آفيشلز عالمي ۽ قومي …

راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سيزن 26-2025ع لاءِ ميچ آفيشلز جي مختلف پينلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ سينيئر امپائرز ۽ ميچ ريفريز سان گڏوگڏ اڀرندڙ آفيشلز به شامل آهن. اعلان مطابق پي سي بي انٽرنيشنل پينل ۾ ميچ ريفري علي نقوي جڏهن ته امپائرز آصف يعقوب، فيصل آفريدي، راشد رياض ۽ سليمه امتياز شامل آهن. اهي سمورا آفيشلز عالمي ۽ قومي سطح تي پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا رهندا. پي سي بي جي ايليٽ پينل آفيشلز ۾ 18 امپائرز ۽ 10 ميچ ريفريز شامل ڪيا ويا آهن. امپائرز جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سپليمنٽري پينل جوڙيو ويو آهي جنهن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. سپليمينٽري پينل 1 ۾ 14 امپائرز جڏهن ته سپليمينٽري پينل 2 ۾ 24 امپائرز شامل آهن. ساڳئي طرح ميچ ريفريز جي سپليمينٽري پينل  ۾ 10 ريفريز شامل ڪيا ويا آهن جنهن کي ملڪي سطح جي مقابلن ۾ موقعا فراهم ڪيا ويندا ته جئين هو اعليٰ سطح تي پنهنجيين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن. نئين سيزن لاءِ پي سي بي ايمرجنگ پينل ۾ سڄي ملڪ مان 40 امپائرز کي چونڊيو ويو آهي ته جيئن نوجوان ۽ باصلاحيت آفيشلز کي هيٺين سطح کان ترقي جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. پي سي بي، 13 عورت امپائرز کي به مختلف پينلز ۾ شامل ڪيو آهي جن ۾ سلمه امتياز نمايان آهي ان قدم کي ملڪ ۾ عورت آفيشلز جي شموليت ۽ نمائندگي وڌائڻ طرف هڪ هاڪاري قدم قرار ڏنو پيو وڃي. پي سي بي مطابق ميچ آفيشلز جا اهم پينلز سڄي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ مقابلن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ امپائرز ۽ ريفريز جي پيشيواراڻي تربيت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.