انگلش پريميئر ليگ: مانچسٽر سٽي ۽ نيوڪيسل يونائيٽڊ پنهنجون ميچز کٽي ورتيون

لنڊن- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ورينٽ فورڊ کي شڪست ڏني جڏهن ته نيوڪيسل يونائيٽڊ ناٽنگهم فارسٽ کي 0-2 گولن تان هارائي ليگ ۾ ٻين ڪاميابي حاصل ڪئي. پرڏيهي ويب سائيٽ موجب انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽ بال جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي …

لنڊن- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) مانچسٽر سٽي انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ ورينٽ فورڊ کي شڪست ڏني جڏهن ته نيوڪيسل يونائيٽڊ ناٽنگهم فارسٽ کي 0-2 گولن تان هارائي ليگ ۾ ٻين ڪاميابي حاصل ڪئي. پرڏيهي ويب سائيٽ موجب انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جو 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي، جنهن ۾ فٽ بال جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. جي ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم لنڊن ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ مانچسٽر سٽي ۽ برينٽ فورڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ مانچسٽر سٽي جي ٽيم سخت مقابلي کان پوءِ برينٽ فورڊ کي0-1 گول تان هارائي ڇڏيو. مانچسٽر سٽي پاران ايرلنگ هالينڊ ميچ شروع ٿيڻ کان پوءِ نائين منٽ ۾ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برينٽ فورڊ خلاف 0-1 گول جي ڪاميابي ڏياري جيڪا ميچ جي آخرتائين برقرار رهي.