پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

راولپنڊي -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي پاران جاري بيان موجب آءِ سي سي ايليٽ پينل جي ميمبر رنجن مدوگالي کي سيريز جو ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي. ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ …

راولپنڊي -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايندڙ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي پاران جاري بيان موجب آءِ سي سي ايليٽ پينل جي ميمبر رنجن مدوگالي کي سيريز جو ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي. ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ راڊني ٽڪر ۽ ڪرسٽوفر بران آن فيلڊ امپائرن جا فرض انجام ڏيندا. ٻيو ٽيسٽ 20 کان 24 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو جنهن ۾ ڪرسٽوفر بران ۽ سائقت شرف الدوله امپائرنگ ڪندا. ٽي 20 سيريز ۾ به پاڪستاني امپائرز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. پهرين ۽ ٻي ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ محمد آصف، يعقوب ۽ راشد رياض  آن فيلڊ امپائرز هوندا، جڏهن ته ٽين ميچ ۾ راشد رياض سان گڏ فيصل خان آفريدي امپائرنگ جا فرض انجام ڏيندو. هڪ ڏينهن واري سيريز فيصل آباد جي اقبال اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي. پهرين ون ڊي  ۾ سائقت شرف الدوله ۽ آصف يعقوب امپائرنگ ڪندا. ٻي ميچ لاءِ ايلڪس وارف ۽ احسن رضا جڏهن ته ٽين ون ڊي ۾ سائقت شرف الدوله ۽ فيصل خان آفريدي کي آن فيلڊ امپائرز مقرر ڪيو ويو آهي.