ڪينبرا _ 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي ) مطابق ڀارت جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي ۽ ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي . آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي، جيڪا پرٿ اسٽيڊيم، پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ٻين …
ڀارتي ٽيم هلندڙ مهيني آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي

مزید خبریں
ڪينبرا _ 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا (سي اي ) مطابق ڀارت جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي ۽ ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي . آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات 19 آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي، جيڪا پرٿ اسٽيڊيم، پرٿ ۾ کيڏي ويندي. ٻين ون ڊي ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 29 آڪٽوبر تي آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا، ٻين ٽي ٽوئنٽي ميچ 31 آڪٽوبر تي ميلبورن، ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ 2 نومبر تي هوبارٽ، چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ 6 نومبر تي بل پيپن اوول، گولڊ ڪوسٽ ۽ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 8 نومبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي.











