ڪينبرا _ 24 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي ۽ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ٽي 20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. رپورٽن مطابق آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات پهرين آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي . اها ميچ بي اوول، مانٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي …
آسٽريليا جي ٽيم ٽن ٽي 20ميچن جي سيريز لاءِ ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي

مزید خبریں
ڪينبرا _ 24 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي ۽ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽن ٽي 20 عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. رپورٽن مطابق آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي شروعات پهرين آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي . اها ميچ بي اوول، مانٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي ٽونٽي 3 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ 4 آڪٽوبرتي بي اوول ، مانٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي. سيريز جون سموريون ميچون ناٽ هونديون ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ بي اوول، مانٽ مونگانوئي ۾ ئي کيڏيون وينديون.











