آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي هدايتن تي بلوچستان ۾ منشيات خلاف مهم جي شروعات

اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي واضح هدايتن تي بلوچستان ۾ منشيات خلاف فيصلائتي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل تفصيلن موجب بلوچستان ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ مقامي ادارن ڏوڏي جي پوک ۽ منشيات جي اڏن جي خاتمي لاءِ وڏي مهم جي شروعات آهي. اها مهم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ بلوچستان حڪومت جي سڌي ريت هدايتن …

اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي واضح هدايتن تي بلوچستان ۾ منشيات خلاف فيصلائتي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل تفصيلن موجب بلوچستان ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ مقامي ادارن ڏوڏي جي پوک ۽ منشيات جي اڏن جي خاتمي لاءِ وڏي مهم جي شروعات آهي. اها مهم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ بلوچستان حڪومت جي سڌي ريت هدايتن تحت جاري آهي. ان مهم جو مقصد بلوچستان کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ ۽ ان ناسور جو مستقل طور تي خاتمو ڪرڻ آهي. منظم ڪارروائين دوران ڪيترن ئي علائقن مان ڏوڏي جي فصلن کي ختم ڪيو ويو آهي. منشيات جي پيداوار ۽ رسد م ملوث نيٽ ورڪس خلاف پڻ ڪارروائيون ڪيون ويون آهن. منشيات جي نيٽ ورڪس ۽ دهشتگردن جي ملي ڀڳت کي مڪمل ناڪام ڪرڻ لاءِ متبادل روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا. روزگار جا متبادل موقعا فراهم ڪري مقامي ماڻهن کي منشيات جي پوک کان روڪيو ويندو. منشيات خلاف جنگ هڪ قومي ذميواري آهي، ان جنگ ۾ حڪومت، سيڪيورٽي ادارن ۽ معاشري جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.