لنڊن-15سيپٽمبر (اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ مانچسٽر سٽي مانچسٽر يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته دفاعي چيمپيئن ليور پول ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ برنلي کي 0-1 تان شڪست ڏني. انگلينڊ ۾ انگلش پريميئر ليگ جو 34 هون سيزن جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مانچسٽر جي اتحاد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ مانچسٽر سٽي ۽ مانچسٽر …
انگلش پريميئر ليگ: مانچسٽر سٽي ۽ ليور پول پنهنجا ميچ کٽي ورتا

مزید خبریں
لنڊن-15سيپٽمبر (اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ مانچسٽر سٽي مانچسٽر يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته دفاعي چيمپيئن ليور پول ٽيم سخت مقابلي کانپوءِ برنلي کي 0-1 تان شڪست ڏني. انگلينڊ ۾ انگلش پريميئر ليگ جو 34 هون سيزن جاري آهي، جنهن ۾ فٽبال جي مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مانچسٽر جي اتحاد اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ مانچسٽر سٽي ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مانچسٽر سٽي ٽيم آساني سان مخالف ٽيم مانچسٽر يونائيٽيڊ کي 0-3 گولن سان شڪست ڏني، ايرلنگ هالينڊ 2 گول ۽ فل فوڊن 1 گول ڪيو. ٽرف مور برنلي ۾ کيڏيل هڪ ٻئي ميچ ۾، دفاعي چيمپيئن ليورپول ۽ ميزبان ٽيم برنلي هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون، جنهن ۾ ليورپول ٽيم تمام سخت مقابلي کان پوءِ ميزبان ٽيم برنلي کي 0-1 تان شڪست ڏني. ليورپول لاءِ واحد گول محمد صلاح ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها اي پي ايل ۾ ليورپول جي چوٿين ڪاميابي آهي. ڪاميابي کان پوءِ، دفاعي چيمپيئن ليورپول ٽيم سڀ کان وڌيڪ 12 پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي.











