گيانا ايميزون واريئرز ڪيريبين پريميئر ليگ ڪواليفائر ۾ داخل ٿي وئي

گيانا-15 سيپٽمبر (اي پي پي)گيانا ايميزون واريئرز ڪيريبين پريميئر ليگ جي 30 هين ميچ ۾ بارباڊوس رائلز کي 64 رنسن سان شڪست ڏئي ليگ جي ڪواليفائر ون لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. گيانا ايميزون واريئرز پاران مقرر ڪيل 189 رنسن جي هدف جي جواب ۾ بارباڊوس رائلز جي پوري ٽيم 18 هين اوور جي ٻئي بال تي 125 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. گيانا ايميزون واريئرز جي شمرون هيٽمائر کي سندس …

گيانا-15 سيپٽمبر (اي پي پي)گيانا ايميزون واريئرز ڪيريبين پريميئر ليگ جي 30 هين ميچ ۾ بارباڊوس رائلز کي 64 رنسن سان شڪست ڏئي ليگ جي ڪواليفائر ون لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. گيانا ايميزون واريئرز پاران مقرر ڪيل 189 رنسن جي هدف جي جواب ۾ بارباڊوس رائلز جي پوري ٽيم 18 هين اوور جي ٻئي بال تي 125 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. گيانا ايميزون واريئرز جي شمرون هيٽمائر کي سندس شاندار بيٽنگ سبب ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. گذريل ڏينهن گيانا جي پروويڊنس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سي پي ايل جي 30 هين ميچ ۾ بارباڊوس رائلز جي ڪپتان رومين پائول ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. گيانا ايميزون واريئرز ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون، بارباڊوس رائلز ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 190 رنسن جو هدف مليو. شمرون هيٽمائر 68 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي، ڪوئنٽن سيمپسن 50 رنسن سان ٻيو نمايان بيٽسمين هو، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين شائي هوپ 31 رنسون ٺاهيون. بارباڊوس رائلز لاءِ، شيرف ردرفورڊ ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ريمون سمنڊز، ڊينئل سمز ۽ ذيشان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾، بارباڊوس رائلز 190 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ۽ 18 هين اوور جي ٻئي بال تي 125 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، شيرفين ردرفورڊ 27 ۽ ڪوفي جيمس 26 رنسون اسڪور ڪيون. گيانا ايميزون واريئرز سٺي بالنگ ڪئي، جنهن ۾ گداڪيش موتي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڊيوائن پريٽوريس ۽ شمر جوزف 2-2 وڪيٽون ورتيون. گيانا ايميزون واريئرز جي شمرون هيٽمائر کي سندس شاندار بيٽنگ لاءِ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان ڪاميابي کان پوءِ گيانا ايميزون واريئرز سي پي ايل جي ڪواليفائر ون ۾ پهچي وئي آهي.