ٽي-20 ايشيا ڪپ 2025ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو

دبئي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽي-20 ايشيا ڪپ 2025ع ۾ روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت  وچ ۾ وڏو ٽاڪڙو آچر 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. ميچ مقامي وقت موجب شام جو ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي. پوائنٽس ٽيبل ۾ ٻنهي ٽيمن کي ٻه ٻه پوائنٽس آهن. گرين شرٽس پنهنجي پهرين ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي عمان کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته …

دبئي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽي-20 ايشيا ڪپ 2025ع ۾ روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت  وچ ۾ وڏو ٽاڪڙو آچر 14 سيپٽمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. ميچ مقامي وقت موجب شام جو ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي. پوائنٽس ٽيبل ۾ ٻنهي ٽيمن کي ٻه ٻه پوائنٽس آهن. گرين شرٽس پنهنجي پهرين ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي عمان کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ڀارت ميزبان گڏيل عرب امارات کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ جي شروعات ڪاميابي سان ڪئي. پاڪستان جي قيادت آل رائونڊر سلمان علي آغا ڪندو جڏهن ته ڀارتي ٽيم سوريا ڪمار ياديو جي ڪپتاني ۾ ميدان ۾  لهندي. ڪرڪيٽ جا ديوانا ان روايتي مقابلي لاءِ بيحد پرجوش آهن ۽ اميد آهي ته دبئي اسٽيڊيم هڪ ڀيرو ٻيهر تماشائين سان ڀرجي ويندو.