لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ليفٽ آرم فاسٽ بالر وقاص مقصود انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي ترجمان موجب هو پاڪستان طرفان صرف هڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ شريڪ ٿيو جيڪا نومبر 2018ع ۾ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏي وئي هئي. ترجمان موجب 37 سالن جو وقاص مقصود پاڪستان طرفان مختصر فارميٽ کيڏندڙ 80 هون رانديگر هو. …
ليفٽ آرم فاسٽ بالر وقاص مقصود پاران انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

مزید خبریں
لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ليفٽ آرم فاسٽ بالر وقاص مقصود انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي ترجمان موجب هو پاڪستان طرفان صرف هڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ شريڪ ٿيو جيڪا نومبر 2018ع ۾ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏي وئي هئي. ترجمان موجب 37 سالن جو وقاص مقصود پاڪستان طرفان مختصر فارميٽ کيڏندڙ 80 هون رانديگر هو. پنهنجي واحد ميچ ۾ هن 1.5 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي ٻن رانديگرن کي پويلين موڪليو. فيصل آباد سان تعلق رکندڙ وقاص 2011ع کان 2023ع دوران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. هن 81 فرسٽ ڪلاس، 56 لسٽ اي ۽ 68 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏيون. انهن مان ٽي 20، ٽي ٽوئنٽي ميچون پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندي کيڏيون. ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ وقاص مقصود جي خدمتن کي ساراهيو پيو وڃي ۽ سندس مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.











