اسرائيلي حڪومت اولهندي ڪناري ۾ آبادڪاري سرگرمين کي فوري طور بند ڪري: انتونيوگوتريش

نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل جي هائير پلاننگ ڪميٽي طرفان والاريل اولهندي ڪناري جي اي ون علائقي ۾ 3400 کان وڌيڪ رهائشي يونٽس جي منظوري ڏيڻ جي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري سميت بيت المقدس ۾ اسرائيلي …

نيويارڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل جي هائير پلاننگ ڪميٽي طرفان والاريل اولهندي ڪناري جي اي ون علائقي ۾ 3400 کان وڌيڪ رهائشي يونٽس جي منظوري ڏيڻ جي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري سميت بيت المقدس ۾ اسرائيلي آبادڪاريون عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي سراسر ابتڙ آهن. ان منصوبي جي اڳڀرائي ٻه رياستي حل لاءِ هڪ وجودي خطرو آهي. هي اولهندي ڪناري جي اترين ۽ ڏاکڻين حصن کي ڪٽي ڇڏيندو ۽ والاريل فلسطيني سرزمين جي علائقائي سالميت تي سنگين اثر وجهندو. سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور سمورين آبادڪاري سرگرمين کي بند ڪري ۽ عالمي قانونن جي مڪمل پاسداري ڪري ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن سان گڏوگڏ 19 جولاءِ 2024ع تي انصاف واري عالمي عدالت طرفان جاري ڪيل مشاورتي راءِ موجب عملدرآمد ڪري.