اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي ماتحت ادارن قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ۽ وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. جڏهن ڪراچي ۽ لاهور مان سربراهن وڊيو لنڪ …
قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار جي صدارت هيٺ اجلاس، وزارت جي ماتحت ادارن جي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي ماتحت ادارن قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ۽ وزارت جي ماتحت ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. جڏهن ڪراچي ۽ لاهور مان سربراهن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نومبر جي ٻي هفتي ۾ لوڪ ورثه ۾ هڪ وڏو ميلو منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ورثي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وقاص چيو ته اهڙي طرح جي ميلن ذريعي نوجوانن کي پنهنجي تهذيب سان جوڙي ويجهو ڪيو ويندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني آرٽسٽ جون تخليقون نه رڳو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليون پيون وڃن پر اهي عالمي نمائشن ۾ پڻ پاڪستان جا پويلين به قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ جي هاڪاري سڃاڻپ کي دنيا سامهون پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته قطر ۾ منعقد ٿيل منظرنمائش ۾ پڻ پاڪستاني ڊانسرز جي پرفارمنس کي به پذرائي ملي آهي. سيده نوشين افتخار اسڪولن جي ٻارن کي آرٽ ۽ ادب سان جوڙڻ وارن قدمن تي زور ڀريو جنهن جي وفاقي وزير پڻ واکاڻ ڪئي. پاڪستان اڪيڊمي اف ليٽرز (پال) جي سربراهه ڊاڪٽر نجيبه عارف ٻڌايو ته ادارو هر ٻولي ۾ رسالا شايع ڪري ٿو، لٽريري ميوزيم قائم ڪيو ويو آهي ۽ مختلف پروگرامن ذريعي نوجوانن کي ادب ۽ لٽريچر سان جوڙيو ويو آهي، اجلاس دوران اقباليت تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب کچي ٻڌايو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ اقبال جي نظرين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ لک روپين جو بجيٽ مختص ڪيو هو، سربراه ايوان اقباليات چيو ته نوجوانن کي اقبال جي فڪرن کان روشناس ڪرائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن،. وفاقي وزير اجلاس دوران چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت پاڪستان جو اصل چهرو آهي، هن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته وزيراعظم ڊان سائزنگ جي فيصلي کي معطل ڪيو ته جيئن ادارا پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتري بڻائي سگهن، هن چيو ته وزارت ۽ ان جا ادارا پنهنجي ڪم ذريعي پنهنجي اهميت ثابت ڪندا جڏهن ته ڊان سائزنگ جو خوف ختم ڪرڻ ضروري آهي. سيده نوشين افتخار يقين ڏياريو ته ثقافت واري وزير سان گڏجي نوجوانن ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪميٽي گڏجاڻين ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل تياري سان شريڪ ٿين ته جئين عملي اڳڀرائي کي يقيني بڻائي سگهجي.











