پاڪستان غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن سان حصيداري جو خواهشمند آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن سان حصيداري جو خواهشمند آهي، جي سي سي فري ٽريڊ ايگريمنٽ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي ايندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گڏيل عرب امارتن جي سفير الوداعي ملاقات ڪئي. سينيٽ …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن سان حصيداري جو خواهشمند آهي، جي سي سي فري ٽريڊ ايگريمنٽ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي ايندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گڏيل عرب امارتن جي سفير الوداعي ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين سفير حماد عبيد ابراهيم الزعابي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ لاڳاپا پنج ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، يو اي اي سان معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا، هن يو اي اي جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ يو اي اي سان حصيداري جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ مسلسل اضافو سٺو سنئوڻ آهي، هن چيو ته پاڪ، جي سي سي فري ٽريد ايگريمنٽ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسعت ايندي، 1.8 ملين پاڪستاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط پل آهن.